SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Non Aggression Pact

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nɔnəkseptəns
  • əgreʃən
  • pækt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Non Aggression Pact

نان ايگريشن پيڪٽ

اڳرائي نه ڪرڻ جو اقرارنامو

ٻه يا ٻن کان وڌيڪ رياستن جي وچ ۾ خاص مُدي تائين هڪٻئي خلاف فوجي ڪارروائي نه ڪرڻ جي عهد کي”اڳرائي نه ڪرڻ جو معاهدو“چئبو آهي. هن اقرار نامي ۾ عام طور تي اهڙيون ٻه رياستون حصو وٺنديون آهن، جن جون سرحدون لڳو لڳ هجُن. ساڳئي وقت اهي رياستون اهو معاهدو پڻ ڪنديون آهن، جيڪي ڪنهن خاص تڪراري مسئلي تي هڪٻئي ڏانهن ڪروڌ ۽ ناراضگي رکنديون آهن. هن تصور سوويت يونين ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي حوالي سان ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ 23 آگسٽ 1939ع تي ٿيل ٺاهه جي ڪري مشهوري ماڻي. جنهن ۾ جرمن پرڏيهي وزير ’ربن ٽراپ‘ ماسڪو جو دورو ڪري، سوويت پرڏيهي وزير ’مولوٽوف‘ کي روس مٿان حملي نه ڪرڻ جي ڏهن سالن تائين پڪ ڏياري. پر اڳتي هلي ان انجام جي ڀڃڪڙي ڪندي، جرمنيءَ 1941ع ۾ سوويت يونين تي حملو ڪري ڏنو. مبُصرن جو خيال آهي ته اهو ٺاهه دراصل هٽلر جي سياسي ۽ فوجي حڪمت عمليءَ جي چالاڪيءَ سان ڀريل هڪ ڪڙي هو، جنهن ذريعي هُن سوويت يونين کي باقي يورپ کان جُدا ڪري پولئنڊ تي حملو ڪيو. هن معاهدي تحت جرمنيءَ اُڀرندي محاذ تي امن قائم ڪري، اولهه يورپ تي قبضي ڪرڻ جي رٿ رٿي هئي. جڏهن ته سوويت يونين واڌو وقت وٺي پاڻ کي هٿياربند ۽ پنهنجي اولهندي محاذ کي محفوظ ڪرڻ پئي گهريو. هن قسم جا ٺاهه وڏين رياستن کي ننڍين رياستن مٿان پنهنجا شرط مڙهڻ جو به موقعو ڏيندا آهن، جيئن 1984ع ۾ Nkomatic معاهدي هيٺ ڏکڻ آفريقا موزمبيق تي دٻاءُ وجهي، کانئس آفريقي قومي ڪانگريس (ANC) جي حمايت تان هٿ کڻايو ۽ جواب ۾ هُن موزمبيق مُخالف Renamo گوريلن جي حمايت تان هٿ کنيو. هنن ٺاهن ۾ رياستون پنهنجي بُنيادي موقفن تي بيٺل هوندي، به جنگ ٽارڻ ۾ ڪامياب ٿينديون آهن. ساڳئي وقت هن ٺاهه جي پابند هڪ ڌُر لاءِ ضروري ناهي ته اُها ٻي ڌُر جي مڪمل سلامتيءَ جي ذميواري کڻي. بلڪه فقط اهو واعدو هوندو آهي، سندن وچ ۾ موجود ڪنهن به تڪراري مسئلي جو حل فوجي طريقن سان ناهي ڪرڻو.


Remember Me Also:

سنڌورڪي

ذ. ڏورانهن ملڪن ۾ واپار ڪندڙ سنڌ جا هندو واپاري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal